پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ثاقب نثار ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين ارڙهين ترميم تي ڌاڙو هڻي سنڌ جي اسپتالن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي اسپتالون کين واپس ملي ويون آهن، اسپتالون سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ تي هو وزيراعظم شهبازشريف جا ٿورائتا آهن، هو صوبي ۾ صحت جي شعبي اندر انقلاب آڻيندا، تنقيد ڪندڙن کي اهڙا ادارا ٺاهي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ز رداريءَ، سکر ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ تحت 200 بسترن تي ٻڌل چلڊرن اسپتال جو افتتاح ڪيو.
افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ثاقب نثار ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين ارڙهين ترميم تي ڌاڙو هڻي سنڌ جي اسپتالن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي اسپتالون کين واپس ملي ويون آهن.
هن چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ علاج جون مفت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، کين عام ماڻهو جي خدمت ڪرڻي آهي، اهو ئي فلسفو وفاقي حڪومت جو هجڻ گهرجي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسپتال قائم ٿيڻ سان عوام کي سهولتون ملنديون، ڊاڪٽر اديب رضوي جو مشن هو سڄي پاڪستان تائين پکيڙڻ چاهن ٿا.
پ پ چيئرمين چيو ته سکر جي چلڊرن اسپتال شاندار آهي، ان لاءِ ڏکڻ ڪوريا کان سافٽ لون ورتو آهي، بلوچتان جا ٻار به هتان مفت علاج ڪرائي سگهندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سانگهڙ ۾ اين آءِ سي وي ٽي ٺاهي ويندي، هو صوبي ۾ صحت جي شعبي اندر انقلاب آڻيندا، تنقيد ڪندڙن کي اهڙا ادارا ٺاهي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.
پ پ چيئرمين چيو ته پرڏيهه وڃي هو ماڻهن کي اين آءِ سي وي ڊي بابت ٻڌائيندو آهي، عوام موقعو ڏي ته علاج جون سهولتون سڄي ملڪ تائين پکيڙيندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيالا ڪڏهن به اليڪشن کان ڪڏهن به ناهن ڊڄندا، پ پ جا ڪارڪن هر وقت اليڪشن لاءِ تيار هوندا آهن.
پ پ چيئرمين چيو ته