خيرپور ۾ آل اسڪارپ ليبر يونين ۽ سب انجنيرز ڪلارڪ ايسوسيئشن پاران احتجاجي مظاهرو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

خيرپور ۾ آل اسڪارپ ليبر يونين ۽ سب انجنيرز ڪلارڪ ايسوسيئشن اسڪارپ پراجيڪٽ جي سوين  ملازمن طرفان سياسي بنيادن ۽ پيسن عيوض  ڀرتي ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو  هنيو ويو.

 احتجاج جي اڳواڻي سيد دين محمد شاهه،وقار ڀٽو، جاويد منگي، سعيد مھيسر، مشتاق گوپانگ ۽ ٻين ڪئي.

احتجاج ڪندڙ جو چوڻ هو ته سياسي ماڻهن جي مداخلت ۽ ڪرپشن جي ڪري واپڊا اسڪارپ کاتو تباهي جي ڪناري تي پهتو آهي.

هنن چيو ته سياسي ماڻهن ۽ ڪامورن ميرٽ جي لتاڙ ڪري ساڍا چار سئو نوڪريون من پسند ماڻهو کي  پيسن عيوض ڏنيون ويون آهن.

احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر جي ماڻهن هڪ کان 4 گريڊ واريون نوڪريون اٺن کان ڏهن لکن ۾ وڪرو ڪري ميرٽ جي لتاڙ ۽ عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي.

اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سياسي ڀرتيون ختم نه ڪيون ويون ته ڊي سي آفيس خيرپور آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
21%
3.6m/s
1%
اڱارو
24 °
اربع
24 °
خميس
24 °
جمعو
24 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون