تازه ترين

سنڌ جي ماڻهن کي ڌاڙيلن توڙي ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو:ضياءَ الحسن لنجار

- Advertisement -
گھرو صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي ڌاڙيلن توڙي ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو،  تڪراري ڳالهيون ڪرڻ مخدوم جميل الزمان جي عادت ٿي وئي آھي کيس سياست بدران ھاڻي شاعري ڪرڻ گھرجي. آرٽس ڪائونسل ڪراچي  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ته مخدوم جميل الزمان شاعري وڃي ڪري کيس ان قسم جا بيان نه ڏيڻ گھرجن. هن چيو ته  سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾  امن امان بھتر آھي، جڏهن هن ذميواري سنڀالي ته ڪشمور مان 25 ماڻهو اغوا ٿيل ھئا، سندن پوليسنگ ذريعي صورتحال بھتر آھي. سندس چوڻ هو ته  مخدوم سينيئر آھي کيس ان قسم جا بيان نه ڏيڻ گھرجن، ڪابينا ۾ سندس پٽ پڻ آھي. صوبائي گهرو وزير  ضياءَ الحسن لنجار چيو ته گهرو کاتي جو قلمدان سنڀالڻ  کانپوءِ هو  آءِ جي سميت ڪشمور ۾ رھيو آھي، ھاڻي سي پيڪ محفوظ آھي. ھن چيو ته صحافي نصرالله  گڏاڻي  ڪيس ۾ خالد لنڊ جي ضمانت عدالت رد ٿي،  گرفتاري جو حڪم به عدالت ڏي ھا . سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ڪچي جا ڌاڙيل ھاڻي پنجاب طرف ھليا ويا آھن. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته پريا ڪماري جلدي بازياب ٿيندي، ڪشمور مان رات 2 ٻار بازياب ڪرايا  ويا آھن ـ ھڪ پوليس اھلڪار به شھيد ٿيو آھي. ھن چيو ته گھوٽڪي ۾ قتل ٿيل صحافي جي پٽ يا ڀاءُ  ٻڌايو آھي ته سندن تڪرار هلندڙ آهي،   واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون