سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدامني، مغوين جي بازيابي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف سياسي سماجي ڌرين توڙي شهرين پاران احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
قمبر ۾ جي يو آءِ طرفان سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڌاڙيل ڪلچر خلاف حافظ عذير گل جاگيراڻي، گل محمد انقلابي، يونس لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
گمبٽ ۾ مهانگائي خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ هندو برادري ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي.
نصير آباد ۾ مهانگائي خلاف رنگ ساز يونين جي سڏ تي پورهيتن پاران سعيد شيخ، راجا ڪامران هڪڙو، نياز ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻِي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جا وارث سخت پريشان آهن، پر سنڌ حڪومت امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب عوام پريشان آهي، ماڻهن آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
هنن مطالبو ڪيو ته نينگري پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي آزاد ڪرائي مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي..