تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هائيڪورٽ طرفان گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته حسن علي مگسي جي گم ٿيڻ جو ڪيس ڪلفٽن ٿاڻي ۾ داخل ڪيو وڃي.

عدالت قربان، عاشق ۽ سعدالله جي گم ٿيڻ جو ڪيس گلشن معمار ٿاڻي ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ڪيس داخل ڪري جاچ رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.

جاچ آفيسر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته محمد صديق سميت 4 ڄڻا گم نه پر جوابدار آهن، جيڪي نوري آباد پوليس کي گهربل هئا.

 جاچ آفيسر چيو ته محمد صديق، قمر، فياض ۽ جهانگير خان ھن وقت ڄامشورو جيل ۾ آهن.

 عدالت چئن ڄڻن جي بازيابيءَ بابت درخواستون اڪلائي ڇڏيون.

پوليس جو چوڻ آهي ته گم ٿيل شهري محمد عادل به گهر پهچي ويو آهي.

عدالت محمد عادل جي بازيابي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي.

عدالت وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين واسطيدار ادارن کان رپورٽ  طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
13 %
5.3kmh
8 %
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون