- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
اوٻاوڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ صادق آباد واسي پيءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا، جن جا لاش تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.
حيدرآباد ۾ ڪار فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
لاڙڪاڻي شهر جي قمبر روڊ ابڙو واهه وٽ ڪوهيڙي دوران تيز رفتار موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو، جڏهن ته سندس گهرواري ۽ 2 ورهين جي ٻارڙي زخمي ٿي پيا.- Advertisement -
