- Advertisement -
اسرائيل غزه ۾ رت جي راند بند نه ڪئي، اسرائيلي فورسز جي حملن ۽ بمباري ۾ وڌيڪ 30 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب زيتون واري علائقي تي اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن جي بمباري ۾ 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا، وچ غزه ۾ اسرائيلي فوج مسجد شهيد ڪري ڇڏي.
نصيرات پناهگير ڪيمپ تي به اسرائيلي فورسز حملا جاري رکيا، ڪمال عدوان اسپتال تي هوائي حملن ۾ ڊاڪٽرن ۽ نرسن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 48 ڪلاڪن دوران 120 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
هيل تائين غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ 44 هزار 176 فلسطيني شهيد، جڏهن ته هڪ لک 4473 زخمي ٿي چڪا آهن……..- Advertisement -
