تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 27هين آئيني ترميم ۽ قومپرست اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 27هين آئيني ترميم ۽ قومپرست اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪراچيءَ ۾ قومپرست ڪارڪنن ۽ وڪيل اڳواڻن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي، سيد منير حيدر شاهه، عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ۾ شريڪ ڪارڪنن طرفان نعريبازي ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ قومپرست پارٽين ۽ وڪيلن طرفان طرفان روشن ٻرڙي، ديدار شام، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ايڊووڪيت مير مڱرئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ميرپورخاص ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي لالا اظهر پٺاڻ، نور محمد مري، عابد ڪوري، ممتاز آريسر، محمد خان مري، واجد لغاري ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. نوابشاهه ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي چوڌري عارف آرائين، زين ڀٽو، ناصر شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال روڊ کان نوابشاهه پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڄامشوري ۾ ايس يو پي طرفان ميهڙ ڊيري کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. دادو ۾ 27هين ترميم خلاف ۽ اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندڙ 7 قومي ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي بشير شاهه، عمران لغاري، ذوالفقار ڀرڳڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان پيادل مارچ ڪري ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. گمبٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل سارئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين قومي شاهراهه کان پريس ڪلب تائين هڪ ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ريلي ڪڍي. ٺٽي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي سڏ تي جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، ضلعي صدر امجد شوري، بابو جان خشڪ، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ سلمان جاکري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. سجاول ۾ سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، جسقم بشير خان گروپ جي محمد خان پٺاڻ، جيئي سنڌ محاذ جي نعمان شوري، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، وقار ميراڻي ۽ منظور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ مامون لاڏو چوڪ کان ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مٽياري ۾ جسقم ضلعي صدر ذوالفقار ڏيٿو، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر ماجد خاصخيلي، وڪيل اڳواڻ سجاد ڪلھوڙي، ثناءِ الله پھنور، شھزاد سمون، صدام کوسي ۽ ظفر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو. اڳواڻن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف طرفان دلمراد، عزيز سومرو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. شهدادڪوٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مختلف پارٽين طرفان حمل خشڪ، حبدار مير جت، الطاف سومرو، ذوالفقار مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. سجاول ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي نواز خان زنئور، منظور ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مامون لاڏو چوڪ کان ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. سانگهڙ ۾ تاج محمد مري، اڪبر مري، آزاد ڪنڀر، محمد خان پنهور، جبار جوڻيجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرپورماٿيلي ۾ قومپرست پارٽين طرفان ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. سن ۾ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن عطاءُ الله شاهاڻي، تراب علي شاهه، حسنين شاهه، نعمت الله سنڌي، سمي سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هالا ۾ ايس يو پي طرفان سهيل قريشي، بهار علي سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. جمال شاهه ۾ شعبان زرداري، ضمير زرداري، ميرل شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وارهه ۾ مختلف قومپرست پارٽين طرفان شير محمد چانڊئي، محمد صلاح چانڊئي، ڪامرياڊ سرتاج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فاضل راهو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. تنگواڻي ۾ عبدالرزاق نندواڻي، هوران ڀلڪاڻي، ياسين، نصر الله نندواڻي، يونس ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس فوري طور تي ختم ڪيا وڃن. سندن چوڻ هو ته 27هين آئيني ترميم کي عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، ترميم فوري طور تي واپس ورتي وڃي، ٻي صورت ۾ سموري سنڌ جو عوام روڊن تي هوندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.3 ° C
8.3 °
8.3 °
17 %
2.7kmh
0 %
اربع
18 °
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون