تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 27هين آئيني ترميم ۽ قومپرست اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 27هين آئيني ترميم ۽ قومپرست اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪراچيءَ ۾ قومپرست ڪارڪنن ۽ وڪيل اڳواڻن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي، سيد منير حيدر شاهه، عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ۾ شريڪ ڪارڪنن طرفان نعريبازي ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ قومپرست پارٽين ۽ وڪيلن طرفان طرفان روشن ٻرڙي، ديدار شام، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ايڊووڪيت مير مڱرئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ميرپورخاص ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي لالا اظهر پٺاڻ، نور محمد مري، عابد ڪوري، ممتاز آريسر، محمد خان مري، واجد لغاري ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. نوابشاهه ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي چوڌري عارف آرائين، زين ڀٽو، ناصر شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال روڊ کان نوابشاهه پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڄامشوري ۾ ايس يو پي طرفان ميهڙ ڊيري کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. دادو ۾ 27هين ترميم خلاف ۽ اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندڙ 7 قومي ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي بشير شاهه، عمران لغاري، ذوالفقار ڀرڳڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان پيادل مارچ ڪري ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. گمبٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل سارئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين قومي شاهراهه کان پريس ڪلب تائين هڪ ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ريلي ڪڍي. ٺٽي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي سڏ تي جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، ضلعي صدر امجد شوري، بابو جان خشڪ، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ سلمان جاکري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. سجاول ۾ سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، جسقم بشير خان گروپ جي محمد خان پٺاڻ، جيئي سنڌ محاذ جي نعمان شوري، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، وقار ميراڻي ۽ منظور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ مامون لاڏو چوڪ کان ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مٽياري ۾ جسقم ضلعي صدر ذوالفقار ڏيٿو، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر ماجد خاصخيلي، وڪيل اڳواڻ سجاد ڪلھوڙي، ثناءِ الله پھنور، شھزاد سمون، صدام کوسي ۽ ظفر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو. اڳواڻن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف طرفان دلمراد، عزيز سومرو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. شهدادڪوٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مختلف پارٽين طرفان حمل خشڪ، حبدار مير جت، الطاف سومرو، ذوالفقار مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. سجاول ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي نواز خان زنئور، منظور ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مامون لاڏو چوڪ کان ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. سانگهڙ ۾ تاج محمد مري، اڪبر مري، آزاد ڪنڀر، محمد خان پنهور، جبار جوڻيجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرپورماٿيلي ۾ قومپرست پارٽين طرفان ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. سن ۾ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن عطاءُ الله شاهاڻي، تراب علي شاهه، حسنين شاهه، نعمت الله سنڌي، سمي سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هالا ۾ ايس يو پي طرفان سهيل قريشي، بهار علي سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. جمال شاهه ۾ شعبان زرداري، ضمير زرداري، ميرل شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وارهه ۾ مختلف قومپرست پارٽين طرفان شير محمد چانڊئي، محمد صلاح چانڊئي، ڪامرياڊ سرتاج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فاضل راهو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. تنگواڻي ۾ عبدالرزاق نندواڻي، هوران ڀلڪاڻي، ياسين، نصر الله نندواڻي، يونس ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس فوري طور تي ختم ڪيا وڃن. سندن چوڻ هو ته 27هين آئيني ترميم کي عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، ترميم فوري طور تي واپس ورتي وڃي، ٻي صورت ۾ سموري سنڌ جو عوام روڊن تي هوندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
30 %
3.6kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون