- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا.
لاڙڪاڻي ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ پاران پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ ساحل مشوري، جميل ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
نوشهرو فيروز ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ حسين سومرو، سرور سنڌي، صنوبر راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
پير وسڻ ۾ سول سوسائٽي پاران پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ منظور سنڌي، باسط سومري، زاهد گل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
شاهپور جهانيان ۾ جسقم پاران پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ منور لانگاهه، مٺل جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جي ايم سيد چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، اغوا، قتل، چوري، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.
هنن چيو ته پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، نينگري جي اغوا ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي.
اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي پريا ڪماري سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.- Advertisement -
