تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ پاران پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ ساحل مشوري، جميل ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نوشهرو فيروز ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ حسين سومرو، سرور سنڌي، صنوبر راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. پير وسڻ ۾ سول سوسائٽي پاران پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ منظور سنڌي، باسط سومري، زاهد گل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. شاهپور جهانيان ۾ جسقم پاران پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ منور لانگاهه، مٺل جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جي ايم سيد چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، اغوا، قتل، چوري، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. هنن چيو ته پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، نينگري جي اغوا ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي. اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي پريا ڪماري سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون