تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ مرحوم پ پ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ مرحوم پ پ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪنري ويجهو روڊ حادثي ۾ پ پ اڳواڻ مرحوم قاضي صادق جو نوجوان ڀاءُ فوت ٿي ويو. قاضي موڙ تي تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ڪنري واسي نوجوان قاضي شاھنواز موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. نوجوان قاضي شاهنواز ڪنري کان پنهنجي ڳوٺ طرف وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو. فوتي نوجوان قاضي شاھنواز پيپلز پارٽي اڳواڻ مرحوم قاضي صادق جو ننڍو ڀاءُ هو. قاضي موڙ تي ٺهيل خطرناڪ موڙ هن کان اڳ به ڪيتريون ئي زندگيون ڳڙڪائي چڪو آهي. مورو ويجھو قومي شاھراهه سڌوجا وٽ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان معشوق سومرو فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، اسپتال مان ضروري گهرجون پوريون ڪرڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ڳڙهي حسن ويجهو فاروق پمپ وٽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ مدرسي جو طالب ظهور احمد سرڪي فوت ٿي ويو. واقعي بعد موٽرسائيڪل سوار بلوچستان فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
19 %
6.4kmh
0 %
خميس
30 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون