ڪنڌڪوٽ ۾ سول سوسائٽي ۽ بار ڪائونسل جي سڏ تي عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڄامشوري ۾ سول سوسائٽي پاران پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آهي.
ڳڙهي خيري ۾سياسي سماجي تنظيمن پاران ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ سماج سجاڳ اتحاد ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي پنج گلي چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌ بلوچستان دنگ بيگاري ڪئنال پل تي ڌرڻو هنيو ويو.
ميرپور ماٿيلي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ شاگردن پاران ڪاشف منگراهه، بلال شاهه، زبير لوهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
اوٻاڙي ۾ نينگري پريا ڪماري ۽ مقبول ڪوش جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران اڪبر گنب، الياس ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
ميرو خان ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ اغوا واقعن خلاف جسقم جي سڏ تي دڪاندارن ۽ شاگردن پاران علي رضا لاشاري، شير علي ڪلهوڙو، عظيم قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٻانڌي ۾ مغوي نينگري پريا ڪماري، ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڪارڪنن پاران منتظر وڳڻ، محبوب پنڃارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ڪنري ۾ بدامني، اغوا واقعن ۽ڌارين جي آبادڪاري خلاف جسقم جي سڏ تي ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
وارهه ۾ ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ واپارين، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس جي ناهلي سبب چوريون، ڦرون، ڌاڙا ۽ اغوا روز جو معمول بڻيل آهن.
مظاهرين چيو ته شهرين کي ڏوهارين جي رحم وڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري، ساگر ڪمار، فضيلا سرڪي سميت سمورا مغوي بازياب ڪرايا وڃن.