تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڌندڙ بدامني، مهانگائي ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي تنظيمن توڙي شهرين پاران احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪنڌڪوٽ ۾ سول سوسائٽي ۽ بار ڪائونسل جي سڏ تي عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڄامشوري ۾ سول سوسائٽي پاران پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آهي.

ڳڙهي خيري ۾سياسي سماجي تنظيمن پاران ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ سماج سجاڳ اتحاد ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي پنج گلي چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌ بلوچستان دنگ بيگاري ڪئنال پل تي ڌرڻو هنيو ويو.

ميرپور ماٿيلي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ شاگردن پاران ڪاشف منگراهه، بلال شاهه، زبير لوهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اوٻاڙي ۾ نينگري پريا ڪماري ۽ مقبول ڪوش جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين  پاران اڪبر گنب، الياس ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي مک چوڪ  تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ميرو خان ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ اغوا واقعن خلاف جسقم جي سڏ تي  دڪاندارن ۽ شاگردن پاران علي رضا لاشاري، شير علي ڪلهوڙو، عظيم قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٻانڌي ۾ مغوي نينگري پريا ڪماري، ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڪارڪنن پاران منتظر وڳڻ، محبوب پنڃارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڪنري ۾ بدامني، اغوا واقعن ۽ڌارين جي آبادڪاري خلاف جسقم جي سڏ تي ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

وارهه ۾ ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ واپارين، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي  اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس جي ناهلي سبب چوريون، ڦرون، ڌاڙا ۽ اغوا روز جو معمول بڻيل آهن.

مظاهرين چيو ته شهرين کي ڏوهارين جي رحم وڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري، ساگر ڪمار، فضيلا سرڪي سميت سمورا مغوي بازياب ڪرايا وڃن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
39 %
3.5kmh
34 %
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
26 °

تازه ترين خبرون