- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پوليو جي خاتمي بابت عالمي ڏهاڙي تي جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون.
نوابشاهه ۾ پوليو جي خاتمي بابت عالمي ڏهاڙي تي ڪمشنر شهيد بينظير آباد سجاد حيدر شاهه، ڊپٽي ڪمشنر شهريار گل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
خيرپور ۾ پوليو جي خاتمي بابت عالمي ڏهاڙي تي ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي طرفان ڊپٽي ڪمشنر احمد فواد شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب تائين واڪ ڪئي وئي.
راڻيپور ۾ پوليو جي خاتمي بابت عالمي ڏهاڙي تي صحت کاتي پاران تعلقي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ رورل هيلٿ سينٽر کان خانگي اسڪول تائين ريلي ڪڍي وئي.
ڪوٽڏيجي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر دريا خان چانڊيو، ايم ايس ڊاڪٽر ڪرامت ٿيٻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
قبي سعيد خان ۾ يوسي فوڪل پرسن امتياز علي جاگيراڻي، آصف علي جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
غوثپور جي گرلز پرائمري اسڪول، مين پرائمري اسڪول ۽ رورل هيلٿ سينٽر غوثپور طرفان ريلي ڪڍي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليو جي خاتمي بابت عالمي ڏهاڙي تي ريلين ۽ واڪ جو مقصد عوام ۾ آگاهي پکيڙڻ آهي.
هنن چيو ته پوليو ٻارن کي معذور بڻائي ڇڏي ٿو، پوليو کان بچاءَ بابت ڦڙا پيارڻ واري هر مهم ۾ والدين پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارن- Advertisement -
