ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارڻ ۽ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ نامزد پير عمر جان سرھندي، اڳوڻي ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ سميت پنجن ڄڻن جي ضمانت ۾ واڌ ڪري گرفتار جوابدارن کي 7 نومبر تائين جيل موڪلي ڇڏيو. دھشتگردي ٽوڙ واري عدالت ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارڻ ۽ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پير عمر جان سرھندي، اڳوڻو ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ، اڳوڻو سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري، اڳوڻو ايس ايڇ او سنڌڙي نياز کوسو، اڳوڻو ڊي آءِ بي انچارج دانش ڀٽي پيش ٿيا. عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي، جڏهن ته عمرڪوٽ پوليس جي حراست ۾ اڳوڻي سي آءِ اي انچارج ھدايت الله ناريجي، پوليس ڪانسٽيبل فرمان ۽ نادر غلام قادر کي پڻ عدالت پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي پوليس طرفان ڪيل جاچ رپورٽ جمع ڪرائي وئي ۽ عدالت کي اگاھي ڏني ته پوليس اھڙي رپورٽ ايف آءِ اي کي پڻ موڪلي ڇڏي آھي. عدالت فريادي جي وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 7 نومبر تائين ملتوي ڪئي ۽ عمرڪوٽ پوليس ڪسٽڊي ۾ ڄاڻايل پوليس اھلڪارن کي عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
37%
1m/s
0%
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون