سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ميرپورخاص ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٻارڙي فوت، عورتن ۽ ٻارن سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
محمد ميڊيڪل ڪاليج وٽ تيز رفتار بس فٽ پاٿ تي چڙھڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ هڪ سال جي سدره لاشاري ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته 10 ٻارن ۽ 9 عورتن سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ جمعون، راحب، فھيم، غلام قادر، شھزاد، شايان، بشير احمد، نازما، غلام عباس ۽ ٻيا شامل آهن.
حادثي بعد ٻارڙي جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان پنجن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين حيدرآباد جي اسپتال اماڻيو ويو.
ٻڌايو پيو وڃي ته بس ۾ لاشاري برادري جا ماڻهو سمن سرڪار جي درگاھه تي حاضري بعد واپس ٽنڊي ڄام موٽي رهيا هئا ته ميرپورخاص وٽ حادثو پيش آيو.
ٻي پاسي کپري جي اشرف ڪالوني ۾ اوور لوڊ ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي ڀِت سان ٽڪرائجي وئي.
حادثي جي نتيجي ۾ هڪ نينگر فوت ۽ پيرسن زخمي ٿي پيو.
حادثي ۾ 4 سالن جو نينگر سريش ڪمار موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، پيرسن منگل ڀيل زخمي ٿي پيو.
پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو……….