تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ 30 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميرپورخاص ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٻارڙي فوت، عورتن ۽ ٻارن سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. محمد ميڊيڪل ڪاليج وٽ تيز رفتار  بس فٽ پاٿ تي چڙھڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ هڪ سال جي سدره لاشاري ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته 10 ٻارن ۽ 9 عورتن سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ جمعون، راحب، فھيم، غلام قادر، شھزاد، شايان، بشير احمد، نازما، غلام عباس ۽ ٻيا شامل آهن. حادثي بعد ٻارڙي جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان پنجن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين حيدرآباد جي اسپتال اماڻيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته بس ۾ لاشاري برادري جا ماڻهو سمن سرڪار جي درگاھه تي حاضري بعد واپس ٽنڊي ڄام موٽي رهيا هئا ته ميرپورخاص وٽ حادثو پيش آيو. ٻي پاسي کپري جي  اشرف ڪالوني ۾ اوور لوڊ ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي ڀِت سان ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ هڪ نينگر فوت ۽ پيرسن زخمي ٿي پيو. حادثي ۾ 4 سالن جو نينگر سريش ڪمار موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، پيرسن منگل ڀيل زخمي ٿي پيو. پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24 ° C
24 °
24 °
25 %
2kmh
30 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون