تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پوڻ بعد  موسم گرمي جو زور گهٽجي ويو. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ڪورنگي، مهراڻ ٽائون، رنڇوڙ لائن، نمائش، گارڊن ۽ ايم اي جناح روڊ تي وسڪارو ٿيو. قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات پوڻ بعد بجلي بند ٿي وئي ۽ هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. شهدادڪوٽ ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. ٽنڊي الهيار ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ سبب بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو. مٽياري ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ بعد گرمي جو زور گهٽجي ويو. ٽنڊي آدم ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي. سامارو، راهو آباد ۽ ٻين علائقن ۾ برسات کانپوءِ  هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. چمبڙ، سنجر چانگ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات پوڻ بعد گرمي جو زور گهٽجي ويو. ميرواهه گورچاڻي، مکڻ سمون، جهلوري ۽ ٻيلهاڙو واري علائقي ۾ برسات پوڻ بعد موسم خوشگوار ٿي وئي. ڪنري ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. اڏيرو لال، کيبر، هالا ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ بعد موسم خوشگوار ٿي وئي. ميان صاحب ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري بعد بجلي بند ٿي وئي. قبوسعيد خان ۾تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ بعد آبادگارن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي. ٽنڊو رحيم خان، ڪاڇي ۽ کيرٿر ۾ زوردار برسات پوڻ بعد  موسم خوشگوار ٿي وئي. شيخ ڀرڪيو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني برسات پوڻ بعد بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو. ميرواهه گورچاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي. ٽنڊي غلام علي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات پوڻ بعد موسم خوشگوار ٿي ويو. ڊگهڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري بعد هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. تلهار ۾ وسڪاري بعد بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو. ٽنڊومحمد  خان ۾ تيز وسڪاري سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، جنهن ڪري رهواسين کي ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي. قمبر ۾ کيرٿر جبل جي پھاڙي سلسلي ۾ برساتن سبب  ڪاڇي جي علائقي ۾ نئيون وھي آيون، جنهنڪري ڪاڇي واسين جا چهرا ٻهڪي پيا آهن. کيرٿر واري جابلو پٽي ۾ زوردار برسات سبب مزاراڻي نئين وهي آئي جڏهن ته نئين جي پاڻي کي گڏ ڪري ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ تعمير ڪرايل مزاراڻي ڊيم پڻ ڀرجي اوور ٽاپ ڪري وھڻ لڳو آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
3.2kmh
0 %
اربع
34 °
خميس
28 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون