سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو وسڪارو جاري آهي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، ڪاڇي ۾ نئيون وهي اچڻ ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، ٺٽي ۾ گهر جي ڀت ڪِرڻ سبب ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، نوشهروفيروز، ميرپوماٿيلو ۽ ٻين شهرن ۾ وسڪاري بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو.
نوابشاهه ۾ ڪجهه منٽن جي برسات شهر جي روڊن ۽ رستن کي تلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، شهر جا ڪاروباري مرڪز سميت هر روڊ تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو.
سکر ۾ به تيز وسڪاري سبب روڊ رستا پاڻي ۾ ٻڏي ويا، برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميا پاران ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا.
ڪنڌرا ۾ چئن ڪلاڪن جي برسات سبب روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهڻ ڪري ڪچن گهرن کي نقصان جو خطرو وڌي ويو آهي.
حيدرآباد ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب موسم وڻندڙ ٿي وئي آهي، برسات دوران اڪثر علائقن جي بجلي غائب ٿي وئي.
ٺٽي ڀرسان ڳوٺ ملوڪ شاهه ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 10 ورهين جو اسد ملاح دٻجي فوت ٿي ويو،
راڻيپور ۾ به تيز برسات سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، بازارن ۾ پاڻي بيهڻ ڪري ڪاروباري ماڻهو سخت متاثر ٿي ويا آهن.
نوشهروفيروز جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري سبب موسم وڻندڙ ٿي وئي، برسات دوران بجلي غائب رهي.
دريا خان مري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات سبب فصل ۽ ڀاڄيون ٻڏي ويون آهن، آبادگارن کي نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ڀرياروڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
پڊعيدن، ٺڪراٺو، مبارڪپور، ڳاڙهو دڙو ۽ ٻين علائقن ۾ سانوڻي جي پهرين وسڪاري سبب ماڻهن جا چهرا ٻهڪي ويا.
لاڙڪاڻي ۾ برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، پاڻي جي نيڪال لاءِ انتظاميا پاران ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن، جنهن ڪري رهواسي پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن.
قمبر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي آهي، جنهن ڪري گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، ننڍن توڙي وڏن گهرن مان ٻاهر نڪري خوب انجواءِ ڪيو.
ميهڙ تعلقي ۾ تيز وسڪاري سبب نئيون وهي آيون آهن، نئين مزاراڻي، نئين دلان، نئين سگهرو ۽ گاجي بخش نئين وهي اچڻ ڪري حمل ڍنڍ ۾ ننڍي ٻوڏ اچي وئي آهي.
نيون وهي اچڻ ڪري گاهي جو ڳوٺ، حمل جو ڳوٺ، ڳھڻو ڏيرو، ڀنڀا ڏيرو، مينهون رند، ڀنڀا ڏيرا، ڇٽو ميروئي، سڄڻ ميرواڻي سميت 35 ڳوٺن جو ميھڙ، فريدآباد ۽ وارھ سميت مختلف شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.
نئين جا وهڪرا جاري آهن، جڏهن ته انتظاميه طرفان متاثر علائقن جي رهواسين لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا آهن.
ميرپور ماٿيلو، حيات پتاقي، يارو لنڊ، دادلغاري ۽ ٻين علائقن ۾ برسات پئي آهي، آبادگارن موجب برسات سبب وونئڻن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي.
ٻانڌي، ٺارو شاهه، غوثپور، ڪوٽڙي ڪبير، خانواهڻ، ڄام صاحب، ميان صاحب، نصير آباد، سرهاڙي ۾ به ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جي وسڪاري سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
جمال شاهه، ڳڙهي حسن، اڏيرو لال، اوٻاوڙو، ٺل ۽ ٻين شهر ۾ برسات سبب روڊ ۽ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
دادو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، وسڪاري دوران اڪثر علائقن جي بجلي بند ٿي وئي.
ٽنڊي الهيار ۾ تيز برسات سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري بجلي بند ٿي وئي.
ٿرڙي محبت، پير جو ڳوٺ، احمد پور، ڊکڻ، ڪوٽڏيجي ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي..