سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي ميدان ماري ورتو آهي، ڪراچي جي يوسي 13 صدر تي ميئر مرتضيٰ وهاب 3 هزار 976 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
مرتضيٰ وهاب ڪاميابي ماڻي جماعت اسلامي جي نور اسلام کي شڪست ڏني.
مرتضيٰ وهاب جي ڪاميابي کانپوءِ جيالنن طرفان خوشي ۾ جشن ملهايو ويو.
ملير جي يوسي مراد ميمڻ تي پ پ اميدوار سلمان عبدالله مراد 4 هزار 717 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته جماعت اسلامي جو محمد ايوب خاصخيلي 951 ووٽ کڻي ٻئين ۽ پي ٽي آءِ اميدوار عبدالحفيظ جوکيو 175 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو.
ڪياماڙي جي يوسي ٽي ماڙيپور تي پ پ اميدوار سيف الله نور ٽي هزار کان مٿي ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ن ليگ اميدوار ٻئين ۽ جماعت اسلامي اميدوار ٽئين نمبر تي رهيا.
ناظم آباد جي يوسي 5 جي وارڊ 3 تي جماعت اسلامي جو جنرل ڪائونسلر اميدوار طلحه احمد صديقي 126 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي شائشته سجاد 126 ووٽ کڻي سگهي.
سکر ۾ ٽائون ڪميٽي نثار صديقي جي يوسي بادل فقير جا غيرسرڪاري ۽ شروعاتي نتيجن موجب پ پ جي چيئرمين اميدوار ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ وائيس چيئرمين اميدوار طارق چوهاڻ 942 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ۽ جي يو آءِ اميدوار امان الله جمالي 204 ووٽ حاصل ڪري هارائي ويو.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن 738 ووٽن جي ليڊ سان جي يو آءِ اميدوارن کي شڪست ڏني.
ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي جي وارڊ 9 تي ننڍي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
پ پ جي اميدوار نعمان رضا وساڻ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ڊي اي اميدوار کي شڪست ڏني.
غير سرڪاري ۽ شروعاتي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جي اميدوار نعمان رضا وساڻ 921 ووٽ حاصل ڪيا ۽ جي ڊي اي اميدوار سيد آصف علي راشدي صرف 77 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.
گمبٽ ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويو.
ايم سي وارڊ نمبر 6 تي پ پ اميدوار صدام جوکيو 518 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ جي ڊي اي اميدوار اسدالله شيخ کي 206 ووٽ مليا.
ٺري ميرواهه ۾ ننڍي چونڊ دوران يونين ڪائونسل حسين بخش دستي ۾ پ پ اميدوار حاجي ارشاد علي لغاري 2180 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار مورند شر 1524 ووٽ کڻي سگهيو.
ٽنڊي الهيار ميونسپل ڪميٽي وارڊ نمبر هڪ تي پ پ اميدوار ظفر سينهڙو ڪامياب ٿي ويو ۽ آزاد اميدوار امتياز خاصخيلي کي شڪست ملي.
ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوالهيار جي وارڊ نمبر هڪ تي پولنگ ٿي، جتي ووٽرن پنهنجي حق جو استعمال ڪري پنهنجي اميدوار کي ووٽ ڏنا.
غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اميدوار ظفر سينهڙي 2283 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ۽ آزاد اميدوار امتياز خاصخيلي صرف 32 ووٽ کڻي سگهيو.
ٽنڊي آدم ميونسپل ڪميٽي وارڊ نمبر 15 تي پ پ اميدوار اشرف الدين انصاري سوڀارو ٿي ويو.
ميونسپل ڪميٽي وارڊ 15 تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار اشرف الدين انصاري 828 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار غلام مصطفيٰ ساند کي 75 ووٽ مليا.
گهوٽڪي جي يوسي قادرپور ۾ جنرل ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ اميدوار سوڀارو ٿي ويو.
پ پ اميدوار بشير انقلابي ڀٽو 495 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ۽ جي يو آءِ جو اميدوار برڪت ڀٽو 412 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.
ڪشمور جي يوسي مسو والا تي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار محمد رمضان مزاري ڪامياب ٿي ويو.
يوسي مسو والا جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي غيرسرڪاري ۽ شروعاتي نتيجن موجب پ پ اميدوار محمد رمضان مري 1394 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ايس يو پي اميدوار 242 ووٽ کڻي هارائي ويو.
شڪارپور جي يوسي ست مريد سيٺار جي وارڊ نمبر ٽي تي جنرل ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ اميدوار لطف الله سومرو 635 کڻي ڪامياب ٿي ويو.
غير سرڪاري نتيجن موجب جي يو آءِ جو عطا محمد سومرو 390 ووٽ کڻي هارائي ويو.
نتيجن موجب پ پ اميدوار 245 ووٽن تان جي يو آءِ اميدوار کي شڪست ڏني.
ڀان سيد آباد جي وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار محمد عرف ڏاڏو سولنگي سوڀارو ٿي ويو.
ننڍي چونڊ جي غيرسرڪاري ۽ شروعاتي نتيجن موجب ولي محمد عرف ڏاڏو سولنگي 311 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ ايس يو پي جو علي اصغر سولنگي 111 ووٽ کڻي سگهيو.
نتيجن موجب ٽي ايل پي اميدوار ڪي ايوب ملاح 29 ووٽ حاصل ڪيا.
دوڙ ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 8 تي ننڍي چونڊ جي نتيجن موجب پ پ اميدوار چوڌري وسيم افضل راجپوٿ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي.
پ پ اميدوار چوڌري وسيم افضل راجپوت 782 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جو فهيم قادري 59 ۽ تحريڪ انصاف جو اميدوار ڪاشف علي مغل 28 ووٽ حاصل ڪيا.