تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن مان هڪ ڏينهن اندر پنج  لاش هٿ

خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد روهڙي ڪئنال مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ آيو آهي.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته لاش ڪنهن نوجوان جو لڳي رهيو آهي،  جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

جيڪب آباد ويجهو قادرپور جي هڪ  بنگلي مان چوڪيدار جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي چوڪيدار جي سڃاڻپ 22 سالن جي علي جان کوسو طور ڪئي.

نوجوان جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته کين ٻڌايو ويو آهي ته اتفاقي گولي ڇٽڻ سبب علي جان جو موت ٿيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو اتفاقي آهي يا قتل معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڄامشوري ۾ ڪي بي فيڊر مان پيرسن جو لاش هٿ آيو آهي.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پاڻي مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پيرسن جي سڃاڻپ قاسم آباد واسي محمد علي ممڻ طور ڪئي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد پيرسن جي موت جو اصل  ڪارڻ معلوم ٿيندو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

نوري آباد ۾ موٽروي تي ڀرسان اڻڄاتل شخص جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته لاش ڪنهن درويش شخص جو لڳي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿيو آهي.

جهڏي ويجهو  پراڻ ندي مان اڻڄاتل شخص جو ڳريل حالت ۾ لاش هٿ  آيو آهي، پوليس پاڻي مان ڪڍرائي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ رمضان خشڪ ويجهو پراڻ ندي ۾ اڻڄاتل  شخص جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.

اطلاع ملڻ بعد  پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پاڻي مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته لاش ڳريل حالت ۾ هجڻ ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون