ٽنڊي الهيار ۾ وڪيلن طرفان عدالتي حڪم باوجود ڪيس داخل نه ڪرڻ تي اي سيڪشن پوليس خلاف احتجاج

spot_img
- Advertisement -

ٽنڊي الهيار ۾ وڪيلن طرفان عدالتي حڪم باوجود ڪيس داخل نه ڪرڻ تي اي سيڪشن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙ وڪيلن الزام هڻندي چيو ته اي سيڪشن پوليس عدالت جي حڪم باوجود ايف آءِ آر داخل نه ٿي ڪري.

هنن چيو ته مدد گار 15 پوليس انچارج، وڪيل نور محمد جروار کي هيسايو، عدالت پاران ڪيس داخل ڪرڻ جي حڪم باوجود اي سيڪشن پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري.

سندن چوڻ هو ته اي سيڪشن پوليس پنھنجي پٽي ڀائي کي بچائڻ لاءِ عدالت جي حڪم کي به نٿي مڃي.

وڪيلن چيو ته هو عدالت جو آرڊر کڻي ٿاڻي ويا ته پوليس مختلف بھانا ڪري ڪيس داخل نه ڪيو، ڪيس داخل نه ٿيو ته بار جا سمورا وڪيل ڪيريا شاخ تي ڌرڻو ھڻندا.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.8 ° C
8.8 °
8.8 °
26%
2m/s
0%
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
15 °

تازه ترين خبرون