تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڇهه ڄڻا زخمي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڄامشوري ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب  علي آباد واسي عورت خيرالنسا کوسو فوت ٿي وئي ۽ اڪرم کوسو ۽ ڪائنات کوسو زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

شهدادپور ۾ ڪوس گهر وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ ٽئين ڪلاس جو شاگرد دلشير حاجاڻو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

ٺٽو –حيدرآباد روڊ تي درگاهه لاکو پير ويجهو ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ محمد خان سومرو واسي محسن سومرو فوت ٿي ويو ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.

موقعي تي موجود ماڻهن لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
44 %
5.1kmh
0 %
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون