تازه ترين

مختلف شهرن ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بدامني خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

شهداد ڪوٽ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف ايس يو پي جي سڏ تي الهداد خش، سڪندر، شعيب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

اڏيرو لال ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بدامن ۽ ڪرپشن خلاف سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سول سوسائٽي پاران اڪبر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ حيدرآباد-ٽنڊو آدم روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڄام صاحب ۾ به مهانگائي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ابراهيم بگٽي، مير محمد منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري ۾ ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، ماڻهن ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهن.

مظاهرين چيو ته مهانگائي وڌڻ سبب ملڪ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ڪو به شهري محفوظ ناهي رهيو.

هنن  مطالبو ڪيو ته  مهانگائي تي ضابطو آڻي امن بحال ڪرايو وڃِي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
34.6 ° C
34.6 °
34.6 °
18 %
1.4kmh
2 %
سُومر
34 °
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون