تازه ترين

سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي قبضي جو حق ناهي:مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي قبضي جو حق ناهي، جي يو آءِ صوبن جي حقن جي علمبردار آهي، عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري جي يو آءِ سان زيادتي ڪئي وئي، هو صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ جدوجهد جاري رکندا.

سکر ۾ ڪوٺايل ٿيل جلسي کي سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان موجوده حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي تي سخت تنقيد ڪئي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي حڪمرانن پنهنجي خراب پاليسين ۽ غير ذميوار حڪمراني ذريعي حالتون خراب ڪيون آهن.

مولانا فضل الرحمان چيو ته اهي ماڻهو ملڪ کي خوشحال بڻائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، موجوده حڪمران طبقو پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته صوبي کي پنهنجي وسيلن تي مڪمل اختيار هجڻ گهرجي، سنڌ جي وسيلن تي صرف سنڌ جي عوام ۽ انهن جي ٻارن جو حق آهي ۽ ڪنهن کي به انهن تي جبري قبضو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

مولانا فضل الرحمان بلوچستان، خيبرپختونخوا، ۽ پنجاب جي وسيلن تي به انهن علائقن جي عوام جو حق تسليم ڪرڻ تي زور ڀريو.

هن چيو ته عام چونڊن ۾ڌانڌلي ٿي اهي انهن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل اسيمبلين عوام  جي  نمائندگي ڪندڙ ناهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون