سنڌ ڪابينا سروي ۾ رهجي ويل برساتي ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت، شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ٽيچنگ فيڪلٽي ڀرتي ۽ سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڊوائزري بورڊ ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي وزير، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري، پي اينڊ ڊي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
سنڌ ڪابينا شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ٽيچنگ فيڪلٽي ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪابينا شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لاءِ ڪلينڪل ميڊيڪل سائنس جي ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني.
سنڌ ڪابينا سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڊوائزري بورڊ ٺاهڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.
سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڪٽ 2023ع ۾ لاڳو ٿي ويو هو، سيڪريٽري صحت بورڊ جي چيئرپرسن هوندي، جڏهن ته جي پي ايم سي جي ڊاڪٽر نسيم اختر کي به بورڊ تي ڪيو ويو.
سنڌ ڪابينا سروي کان رهجي ويل گهرن جي به اڏاوت جي اجازت ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪندي چيو ته لاڳاپيل ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تصديق بعد شامل ڪيو ويو.
سنڌ ڪابينا 20 هزار ٻوڏ متاثرن جي گهر ٺاهيندڙ مسترين کي تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته برسات سبب تباهه ٿيل 43 سيڪڙو گهر سرڪاري زمين تي ٺاهيا ويا آهن.