تازه ترين

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري موٽر وهيڪل ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري موٽر وهيڪل ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، بل موجب، بي آر ٽي بسن ۾ اسپيشل ماڻهن لاءِ سيٽون نه رکڻ تي 500 رپيه ڏنڊ لاڳو ٿيندو جڏهن ته بسن ۾ سفر دوران پنجن سالن تائين جي ڄمار جا ٻارڙا ڀاڙي کان آجا قرار هوندا ۽ ڪوريڊور يا بس اسٽاپ تي سگريٽ پيئڻ ۽ نسوار کائڻ تي پابندي هوندي.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري موٽر وهيڪل ترميمي بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي.

بل ۾ پراونشل موٽر وهيڪل ايڪٽ 1965ع ۾ ترميم بابت قانون سازي ڪئي وئي آهي.

بل موجب، بي آر ٽي بسن ۾ اسپيشل ماڻهن لاءِ سيٽون رکڻ ۽ نشاندهي نه ڪرڻ تي 500 رپيه ڏنڊ لاڳو ٿيندو جڏهن ته بسن ۾ سفر دوران پنجن سالن تائين جي ڄمار جا ٻارڙا ڀاڙي کان آجا قرار هوندا.

بل ۾ چيو ويو آهي ته بي آر ٽي بسن ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ مخصوص دروزارن جي استعمال جي ڀڃڪڙي تي هڪ هزار رپيا ڏنڊ ڏيڻو پوندو. بل موجب، سفر دوران ڪوريڊور يا بس اسٽاپ تي سگريٽ پيئڻ، نسوار کائڻ ۽ ٿڪ اڇلائڻ تي پابندي هوندي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هڪ هزار رپيا ڏنڊ مڙهيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون