تازه ترين

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري موٽر وهيڪل ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري موٽر وهيڪل ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، بل موجب، بي آر ٽي بسن ۾ اسپيشل ماڻهن لاءِ سيٽون نه رکڻ تي 500 رپيه ڏنڊ لاڳو ٿيندو جڏهن ته بسن ۾ سفر دوران پنجن سالن تائين جي ڄمار جا ٻارڙا ڀاڙي کان آجا قرار هوندا ۽ ڪوريڊور يا بس اسٽاپ تي سگريٽ پيئڻ ۽ نسوار کائڻ تي پابندي هوندي.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري موٽر وهيڪل ترميمي بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي.

بل ۾ پراونشل موٽر وهيڪل ايڪٽ 1965ع ۾ ترميم بابت قانون سازي ڪئي وئي آهي.

بل موجب، بي آر ٽي بسن ۾ اسپيشل ماڻهن لاءِ سيٽون رکڻ ۽ نشاندهي نه ڪرڻ تي 500 رپيه ڏنڊ لاڳو ٿيندو جڏهن ته بسن ۾ سفر دوران پنجن سالن تائين جي ڄمار جا ٻارڙا ڀاڙي کان آجا قرار هوندا.

بل ۾ چيو ويو آهي ته بي آر ٽي بسن ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ مخصوص دروزارن جي استعمال جي ڀڃڪڙي تي هڪ هزار رپيا ڏنڊ ڏيڻو پوندو. بل موجب، سفر دوران ڪوريڊور يا بس اسٽاپ تي سگريٽ پيئڻ، نسوار کائڻ ۽ ٿڪ اڇلائڻ تي پابندي هوندي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هڪ هزار رپيا ڏنڊ مڙهيو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
53 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون