تازه ترين

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ترميمي بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ترميمي بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

بل ۾ ماس ٽرانزٽ ايڪٽ 2014ع ۾ ترميم لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي.

ترميم موجب، ماس ٽرانزٽ بس اسٽيشن، ڊپو ۾ بنا اجازت داخل ٿيڻ، بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ، ماس ٽرانزٽ بس کي ڪنهن به قسم جو نقصان پهچائڻ يا سفر ۾ رنڊڪ وجهڻ سزا جوڳو ڏوهه تصور ڪيو ويندو جنهن تي ڏنل رولز موجب ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو.

ترميم ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص ذيلي قلم 2 تحت ڪو ڏوهه ڪري ٿو ته آپريٽر وٽ مقرر ڪيل ڏنڊ مڙهڻ ۽ وصول ڪرڻ جو اختيار هوندو ۽ ڏنڊ جي رقم مقرر ڪيل اڪائونٽ هيڊ ۾ جمع ڪرائي ويندي.

ترميم موجب، لاڳاپيل اٿارٽي، آفيسر يا ايجنٽ اختيار جي دائري تحت عدالت ۾ اهڙي شخص خلاف ڏنڊ جي اوڳاڙي لاءِ شڪايت ڪرائي سگهي ٿو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون