تازه ترين

سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪري ڇڏي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سمورين نين ۽ پراڻين گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر جي عمل دوران بائيو ميٽرڪ تصديق جي ضرورت پوندي، نئين پاليسي تحت تبديلي ٽن مرحلن ۾ لاڳو ڪئي ويندي. هن چيو ته پهرين جولاءِ کان پهرين مرحلي ۾ نين گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي هوندي، ٻئي مرحلي ۾ پهرين نومبر کان گاڏيون خريد ڪندڙن جي بائيو ميٽرڪ تصديق ٿيندي، ٽئين مرحلي ۾ گاڏي وڪرو ڪندڙ ۽ خريد ڪندڙ ٻنهي جي بائيو ميٽرڪ تصديق ڪئي ويندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو ايڪسائيز کاتي ۾ سموري عمل کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، هي رڳو شروعات آهي، سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿي ته سنڌ عوامي خدمت ۾ ڊيجيٽائزيشن بابت اڳتي وڌي. سندس چوڻ هو ته گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر ۾ بائيو ميٽرڪ تصديق شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بائيو ميٽرڪ تصديق سان خريدارن ۽ وڪرو ڪندڙن جي سڃاڻپ، گاڏين جي غيرقانوني منتقلي ۽ شهرين کي دوکي کان بچائڻ ۾ مدد ملندي، گاڏين جا مالڪ بائيو ميٽرڪ جي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ نادرا اي سهولت مرڪز يا ڪنهن به ڊسٽرڪٽ ايڪسائيز آفيس سان رابطو ڪري سگهن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون