تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪري ڇڏي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سمورين نين ۽ پراڻين گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر جي عمل دوران بائيو ميٽرڪ تصديق جي ضرورت پوندي، نئين پاليسي تحت تبديلي ٽن مرحلن ۾ لاڳو ڪئي ويندي. هن چيو ته پهرين جولاءِ کان پهرين مرحلي ۾ نين گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي هوندي، ٻئي مرحلي ۾ پهرين نومبر کان گاڏيون خريد ڪندڙن جي بائيو ميٽرڪ تصديق ٿيندي، ٽئين مرحلي ۾ گاڏي وڪرو ڪندڙ ۽ خريد ڪندڙ ٻنهي جي بائيو ميٽرڪ تصديق ڪئي ويندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو ايڪسائيز کاتي ۾ سموري عمل کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، هي رڳو شروعات آهي، سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿي ته سنڌ عوامي خدمت ۾ ڊيجيٽائزيشن بابت اڳتي وڌي. سندس چوڻ هو ته گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر ۾ بائيو ميٽرڪ تصديق شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بائيو ميٽرڪ تصديق سان خريدارن ۽ وڪرو ڪندڙن جي سڃاڻپ، گاڏين جي غيرقانوني منتقلي ۽ شهرين کي دوکي کان بچائڻ ۾ مدد ملندي، گاڏين جا مالڪ بائيو ميٽرڪ جي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ نادرا اي سهولت مرڪز يا ڪنهن به ڊسٽرڪٽ ايڪسائيز آفيس سان رابطو ڪري سگهن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33 %
4kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون