سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪري ڇڏي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سمورين نين ۽ پراڻين گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر جي عمل دوران بائيو ميٽرڪ تصديق جي ضرورت پوندي، نئين پاليسي تحت تبديلي ٽن مرحلن ۾ لاڳو ڪئي ويندي.
هن چيو ته پهرين جولاءِ کان پهرين مرحلي ۾ نين گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي هوندي، ٻئي مرحلي ۾ پهرين نومبر کان گاڏيون خريد ڪندڙن جي بائيو ميٽرڪ تصديق ٿيندي، ٽئين مرحلي ۾ گاڏي وڪرو ڪندڙ ۽ خريد ڪندڙ ٻنهي جي بائيو ميٽرڪ تصديق ڪئي ويندي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو ايڪسائيز کاتي ۾ سموري عمل کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، هي رڳو شروعات آهي، سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿي ته سنڌ عوامي خدمت ۾ ڊيجيٽائزيشن بابت اڳتي وڌي.
سندس چوڻ هو ته گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر ۾ بائيو ميٽرڪ تصديق شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيندي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بائيو ميٽرڪ تصديق سان خريدارن ۽ وڪرو ڪندڙن جي سڃاڻپ، گاڏين جي غيرقانوني منتقلي ۽ شهرين کي دوکي کان بچائڻ ۾ مدد ملندي، گاڏين جا مالڪ بائيو ميٽرڪ جي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ نادرا اي سهولت مرڪز يا ڪنهن به ڊسٽرڪٽ ايڪسائيز آفيس سان رابطو ڪري سگهن ٿا.
سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪري ڇڏي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12
°
C
12
°
12
°
24%
1.2m/s
0%
اربع
14
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


