سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لياري مان گم ٿيل شهري سلمان جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو گم ٿيل شهري کي بازياب نه ڪرائڻ تي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته اڃا تائين شهري کي بازياب ڇو ناهي ڪرايو ويو.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شهري هر 15 ڏينهن واٽس ايپ تي گهر ڀاتين سان ڳالهائيندو آهي، جنهن جي تصديق سندس گهر ڀاتين ڪئي آهي.
عدالت چيو ته جڏهن توهان کي ايتر خبر آهي ته شهري گهر ڀاتين سان فون تي ڳالهائيندي آهي ته پوءِ کيس بازياب ڪرائڻ ۾ ڪهڙي ڏکيائي آهي.
عدالت گم ٿيل شهري کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڏڻي ملتوي ڪري ڇڏي.