سنڌ هائيڪورٽ، لاڙڪاڻي واسي علي احمد بروهي ڪيس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٽرائل ڪورٽ کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ لاڙڪاڻي واسي علي احمد بروهي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري لاش روهڙي ڪينال ۾ لوڙهڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت چار مھينا گذرڻ باوجود ڪيس جو چالان پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
جسٽس نعت الله ڦلپوٽي سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪندي چيو ته چئن مهينن کان ڪيس جو چالان پيش ڇو ناھي ٿي سگھيو؟، جنهن تي جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته عبوري چالان جمع ڪرايو ويو آھي، قطعي چالان به جلد جمع ڪرايو ويندو.
عدالت جاچ آفيسر کي حڪم ڏيندي چيو ته ڪيس جو چالان جوڊيشل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل بئريسٽر اختر جبار چيو ته اڃان تائين نه جوابدار گرفتار ٿيا آهن ۽ نه ڪيس جو چالان پيش ٿيو آھي، جوابدار بااثر آهن، پوليس گرفتار نه ٿي ڪري.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو.
عدالت هاءِ پروفائل ڪيس ۾ پوليس ۽ جي آءِ ٽي جي ناقص ڪارڪردگي تي حيرت جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽي.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته چالان 14 ڏينهن اندر پيش ڪرڻو ھوندو آهي، پوليس ھن وقت تائين ڪجهه نه ڪيو آهي.
عدالت ٽرائل ڪورٽ کان رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن ھفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.