تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هائيڪورٽ، لاڙڪاڻي واسي علي احمد بروهي ڪيس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هائيڪورٽ، لاڙڪاڻي واسي علي احمد بروهي ڪيس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٽرائل ڪورٽ کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ لاڙڪاڻي واسي علي احمد بروهي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري لاش روهڙي ڪينال ۾ لوڙهڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت چار مھينا گذرڻ باوجود ڪيس جو چالان پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جسٽس نعت الله ڦلپوٽي سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪندي چيو ته چئن مهينن کان ڪيس جو چالان پيش ڇو ناھي ٿي سگھيو؟، جنهن تي جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته عبوري چالان جمع ڪرايو ويو آھي، قطعي چالان به جلد جمع ڪرايو ويندو.

عدالت جاچ آفيسر کي حڪم ڏيندي چيو ته ڪيس جو چالان جوڊيشل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي.

درخواست ڏيندڙ جي وڪيل بئريسٽر اختر جبار چيو ته اڃان تائين نه جوابدار گرفتار ٿيا آهن ۽ نه ڪيس جو چالان پيش ٿيو آھي، جوابدار بااثر  آهن، پوليس گرفتار نه ٿي ڪري.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي رپورٽ  سميت طلب ڪري ورتو.

عدالت هاءِ پروفائل ڪيس ۾ پوليس ۽ جي آءِ ٽي جي ناقص ڪارڪردگي تي حيرت جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽي.

درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته چالان 14 ڏينهن اندر پيش ڪرڻو ھوندو آهي، پوليس ھن وقت تائين ڪجهه نه ڪيو آهي.

عدالت ٽرائل ڪورٽ کان رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن ھفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
17 %
4.6kmh
8 %
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون