سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي ٻڌل سنگل بئنچ مظهر اقبال جٽ جي درخواست جي ٻڌڻي

spot_img
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر عدالتي حڪم باوجود پيش نه ٿيڻ تي ايس ايڇ او اوٻاوڙو جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي گهوٽڪي کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي ٻڌل سنگل بئنچ مظهر اقبال جٽ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم باوجود ايس ايڇ او اوٻاوڙو پيش نه ٿيو. عدالت ايس ايڇ او اوٻاوڙو جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. درخواست ڏيندڙ مظهر اقبال جٽ موقف اختيار ڪيو ته عدالت جي حڪم باوجود اوٻاوڙو پوليس ڪنٽينر واپس ناهي ڪيو،گهوٽڪي پوليس بناجواز هيسائي رهي آهي. عدالت ڪنٽينر واپس نه ڪرڻ واري ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي ايس ايڇ او اوٻاوڙو جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي گهوٽڪي کي 16 اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون