- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر عدالتي حڪم باوجود پيش نه ٿيڻ تي ايس ايڇ او اوٻاوڙو جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي گهوٽڪي کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي ٻڌل سنگل بئنچ مظهر اقبال جٽ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم باوجود ايس ايڇ او اوٻاوڙو پيش نه ٿيو.
عدالت ايس ايڇ او اوٻاوڙو جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
درخواست ڏيندڙ مظهر اقبال جٽ موقف اختيار ڪيو ته عدالت جي حڪم باوجود اوٻاوڙو پوليس ڪنٽينر واپس ناهي ڪيو،گهوٽڪي پوليس بناجواز هيسائي رهي آهي.
عدالت ڪنٽينر واپس نه ڪرڻ واري ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي ايس ايڇ او اوٻاوڙو جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي گهوٽڪي کي 16 اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.- Advertisement -
