تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ طرفان روپوش جوابدارن جا پاسپورٽ، اڪائونٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هائيڪورٽ سڄي صوبي ۾ روپوش ۽ اشتهاري جوابدارن جا پاسپورٽ، اڪائونٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي، وفاق، نادرا، اسٽيٽ بينڪ ۽ ٻين کان چئن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ جوابدار حماد صديقي جي گرفتاري نه ٿيڻ بابت درخواست جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

روپوش جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ بابت رپورٽ سنڌ هائيڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي.

رپورٽ ۾ چيو آهي ته روپوش جوابدارن ايم ڪيو ايم جي حماد صديقي، تقي حيدر شاهه ۽ خرم نثار جا سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ بئنڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪيا ويا آهن.

عدالت ۾ آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي ۽ ٻين کي حڪم ڏنو ته سڄي صوبي ۾ روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ بئنڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪيا وڃن.

عدالت روپوش ۽ اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري بابت چئن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

عدالت پاران اڳڀرائي واري رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار  ڪيو ويو.

جسٽس امجد سهتو چيو ته اوهان به وڃي ويهي ورهو، عدالت نه ايندا ڪريو، نه ايف آءِ اي ڪجهه ڪري ٿي ۽ نه اوهان ڪجهه ڪريو ٿا.

عدالت چيو ته ايف آءِ اي به اها ئي ڪوشش ڪري ٿي، وفاقي حڪومت جا نمائندا به عدالت ۾ چون ٿا ته وقت ڏنو وڃي.

عدالت آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڪيترا اشتهاري جوابدار گرفتار ڪيا آهن.

آءِ جي سنڌ رفعت مختار رپورٽ پيش ڪندي چيو ته 6 هزار 125 اشتهارن سميت 12 هزار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

جسٽس امجد سهتو چيو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جاچ آفيسر جوابدار جو نالو، والدين ۽ رهائش جو پتو به نه لکندا آهن، اھو چيو ويندو آهي ته ھي ڪي پي جو آهي ڇا ھي اوھان جا جاچ آفيسر آهن؟.

آءِ جي سنڌ اعتراف ڪندي چيو ته 50 هزار روپوش جوابدارن مان 13ھزار جوابدارن جي والدين ۽ گهرن جو پتو داخل ناهي، پوليس آفيسرن جي غفلت آهي معاملن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

جسٽس امجد سهتو چيو ته  اهو ته 1980ع کان هلندو پيو اچي، اوهان آيا آھيو ته ڪجهه ڪري وڃو.

نادرا جي فوڪل پرسن چيو ته ڪجهه جوابدارن جي غلط ڊيٽا هجڻ سبب سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ نه ٿي سگهيا آهن، سڃاڻپ ڪارڊ جي نمبر لاءِ سنڌ جي گهرو کاتي کي خط لکيو آهي، ڪجهه جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ سبب پاسپورٽ بلاڪ نه ٿي سگهيا آهن.

نادرا جي فوڪل پرسن چيو ته روپوش جوابدار حماد صديقي، تقي حيدر شاهه ۽ خرم نثار جا سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ بئنڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪيا ويا آهن.

عدالت چيو ته هو آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي، وفاقي حڪومت، نادرا، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين کي هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت ڏئي رهيا آهن.

عدالت چيو ته چئن هفتن اندر سڄي صوبي ۾ روپوش ۽ اشتهاري جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ بئنڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
50 %
1.9kmh
5 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
14 °

تازه ترين خبرون