تازه ترين

نئين ديري ۾ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 12 هين ورسي ملهائي وئي

- Advertisement -
نئين ديري ۾ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 12 هين ورسي ملهائي وئي. پيپلز پارٽي طرفان مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 12 هين ورسي تي نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني ڪئي وئي. قرآن خواني ۾ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جا اڳواڻ اعجاز احمد لغاري، نثار مراد ڀٽو ۽ ميونسپل چيئرمين عبدالخالق ڀٽو سميت ليڊيز ونگ جي اڳوڻي صوبائي وزير توقير فاطمه ڀٽو، اڳوڻي ايم اين اي نصيبان چنه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي، ليڊيز ونگ، يوٿ، سپاف سميت ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن به قرآن خواني ۾ شرڪت ڪئي. قرآن خواني بعد اجتماعي دعا گهري لنگر ورهايو ويو. قرآن خواني بعد نئون ديرو هائوس کان ڪارڪنن جو وڏو انگ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي بيگم نصرت ڀٽو جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪري سندس جدوجهد تي سلام پيش ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
30 %
1.7kmh
0 %
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون