تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ پاران گم ٿيل شهرين جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شايع ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل شهرين جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شايع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي بچاءَ واري وزارت، وفاقي، صوبائي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي درخواستن تي ٻڌڻي 4 هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ ناري سميت گم ٿيل ڏهن ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ڪجهه گم ٿيل ماڻهن جا وارث ۽ وڪيل عدالت پيش نه ٿيا.

ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل شهرين جي ڳولا لاءِ ملڪ جي سمورن حراستي مرڪزن ۽ ٻين ادارن کي خط لکيا، آئي آئي ٽيز جا سيشنز به ڪيا ويا آهن.

درخواست ڏيندڙن چيو ته ارڙهن ورهين جي حفظه، شاھه فيصل ڪالوني، زينب، ابراهيم حيدري، محمد نعيم ۽ رياضت الله مختلف علائقن مان گم ٿيل آهن، جن جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو نه آهي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته پوليس جي ڪاررواين کان مايوس ٿي ڪري گم ٿيلن جا وارث عدالت ۾ پيش نه ٿا ٿين.

جاچ آفيسر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته شاهه حسين گلشن معمار کان گم هو، جيڪو ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار آهي.

عدالت گم ٿيل شهري بابت ڊي آءِ جي کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت گم ٿيل ناري حفظه سميت ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .

عدالت گم ٿيل شهرين جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شايع ڪرڻ جو به حڪم ڏنو

عدالت بچاءَ واري وزارت، وفاقي، صوبائي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 4 هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون