تازه ترين

ملڪ جو نئون صدر، آصف زرداري يا محمود خان اچڪزئي؟، چونڊ 9 مارچ تي ٿيندي

- Advertisement -
ملڪ جو نئون صدر، حڪومتي اتحاد جو اميدوار آصف علي زرداري يا سني اتحاد ڪائونسل جو محمود خان اچڪزئي؟، صدارتي چونڊ 9 مارچ تي ٿيندي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 9 مارچ تي طلب ڪري ورتو، جنهن جو قومي اسيمبليءَ جي سيڪريٽري نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري صدارتي اميدوار لاءِ نامزدگي ڪاغذ اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ جمع ڪرايا هئا جيڪي ڇنڊڇاڻ بعد درست قرار ڏنا ويا آهن چيف اليڪشن ڪمشنر صدارتي چونڊ جو رٽرننگ آفيسر آهي جنهن ڇنڊڇاڻ بعد آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا. پ پ اڳواڻ فاروق ايڇ نائڪ چيو ته سندس وٽ نمبر پورا آهن، آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر صدر چونڊجي ويندو. سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار محمود اچڪزئي جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي. سڀاڻي اميدوارن جي قطعي لسٽ جاري ڪئي ويندي. صدر جي چونڊ لاءِ سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هڪ ئي وقت پولنگ ٿيندي، ووٽنگ جو عمل صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهندو. آصف علي زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي کانسواءِ صدر جي ڊور ۾ ڪيترائي آزاد اميدوار به شامل آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
28 %
2.2kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون