- Advertisement -
سنڌ ۽ پنجاب جا ڪيترائي علائقا اڄ به ڪوهيڙي جي لپيٽ ۾ آهن، مختلف موٽر ويز ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا جڏهن ته ڪوهيڙي سبب آپريشن نظام سخت متاثر ٿي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪوهيڙي سبب 20 کان وڌيڪ اڏامون ملتوي ڪيون ويون جڏهن ته ڪيتريون ئي دير جو شڪار آهن.
ٻئي پاسي سخت ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجڻ جي ڪري مختلف موٽر ويز هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن.
موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم ٽو اسلام آباد کان ڪوٽ مومن انٽر چينج، ايم ٽو لاهور کان بلڪسر، ايم ٿري لاهور کان ملتان ۽ لاهور کان سيالڪوٽ موٽر وي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم فور پنڊي ڀٽيان کان فيصل آباد، ايم فور شير شاهه کان پنڊي ڀٽيان ۽ ايم فائيو شير شاهه کان اُچ شريف تائين به بند آهي.
موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر ويز کي عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر يقيني بڻائن لاءِ بند ڪيو ويندو آهي.- Advertisement -
