- Advertisement -
امريڪي صدر جوبائيڊن يوڪرين لاءِ 250 ملين ڊالر جي فوجي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وائيٽ هائوس ترجمان موجب، فوجي پيڪيج ۾ فضائي دفاعي نظام، هاءِ موبلٽي، آرٽلري راڪيٽ ۽ ٻيا هٿيار شامل آهن.
وائيٽ هائوس موجب، موجوده انتظاميا تحت يوڪرين لاءِ آخري فوجي پيڪيج هوندو، بائيڊن ڪانگريس جي منظوري بنا يوڪرين لاءِ فوجي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو.
وائيٽ هائوس ترجمان موجب، امريڪا يوڪرين کي مجموعي طور تي 46 بلين ڊالر جي فوجي امداد فراهم ڪري چڪو آهي.- Advertisement -
