- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آگسٽ 2023ع ۾ سول سوسائٽي ميثاق جمهوريت تي مڪمل عمل جو مطالبو ڪيو، جنهن جو مقصد ميثاق جي نامڪمل ايجنڊا کي پورو ڪرڻ هو.
وفاقي آئيني عدالت جي قيام بابت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آگسٽ 2023ع ۾ سول سوسائٽي ميثاق جمهوريت تي مڪمل عمل جو مطالبو ڪيو، مطالبي جو مقصد ميثاق جي نامڪمل ايجنڊا کي پورو ڪرڻ هو.
سندس چوڻ هو ته سول سوسائٽي جي ميثاق جمهوريت جي مطالبي جو مقصد تحريڪ انصاف باني ۽ ٻين جي جمهوريت تي حملن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل ساک کي ٻيهر بحال ڪرڻ هو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سول سوسائٽي جي 2023ع جي سفارشن ۾ هڪ وفاقي آئيني عدالت جو قيام به شامل هو، جنهن جي حمايت هڪ تحريڪ انصاف سينيٽر به ڪئي هئي.
هن چيو ته عدالتي سڌارن لاءِ سياسي پارٽين سان گڏ سول سوسائٽي ۾ به اتفاق راءِ آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده سياست يا ڪنهن فرد بابت پنهنجي ذاتي راءِ کي آئيني عدالت جي جائز ضرورت تي هاوي ٿيڻ نه ڏيو.- Advertisement -
