- Advertisement -
ڪراچي ۾ سنڌ رواداري مارچ تي وحشياڻي تشدد کانپوءِ پوليس ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو.
انسپيڪٽر چوڌري زاهد حسين جي فرياد تي آرٽلري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪيس ۾ پنهل ساريو، سيف سميجو، حمزه علي چانڊيو، ناصر محمود، بخشل ٿلو، علي پلهه، غلام شبير، محمد پريل مري، احمد شبير، بلال ۽ ٻين کي شامل ڪيو ويو.
ڪيس جي متن موجب، ڪراچي شهر ۾ قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود احتجاج ڪيو ويو.- Advertisement -
