تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر عرفان صديقي تصديق ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر عرفان صديقي تصديق ڪري ڇڏي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان صديقي چيو ته آئيني ترميمون آڻڻ ۾ هفتو ڏهه ڏينهن به لڳي سگهن ٿا، اڄ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ٿي ويندا. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ مان ترميم منظور نه ٿيڻ حڪومت جي ناڪامي ناهي، سندن نمبر پورا آهن. مسلم ليگ نون جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي نئين سيشن ۾ آئيني ترميم پيش ڪئي ويندي، آئيني ترميمي مسودي جي ڪجهه نقطن تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، جي هر ڌر جو حق آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ڪيترن ئي نقطن تي متفق آهي،  مسودو ڪڏهن به سامهون نه ايندو آهي. مسلم ليگ نون جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ترميمون منظور ٿي وينديون، کيس ان ۾ ڪابه وڏي رنڊڪ نظر نٿي اچي ۽ جيڪڏهن ترميم نه به آئي ته ڪا قيامت نه اچي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون