تازه ترين

سياسي مخالفن جي ڪردار ڪشي کيس وڌيڪ مضبوط ڪيو: وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز

- Advertisement -
وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته سياسي مخالفن جي ڪردار ڪشي کيس وڌيڪ مضبوط ڪيو، هاڻي مخالف گاريون ڏين يا نعرا هڻن مٿس ڪو به فرق نه پوندو آهي، نوجوان نسل کي گارگند ۽ بداخلاقي جي تربيت نه ڏيڻ گهرجي، ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي،  پنجاب حڪومت هلندڙ سال 30 هزار اسڪالرشپ ڏيندي، 60 سيڪڙو اسڪالرشپ نياڻين کي ڏني پئي وڃي،  حڪومت عوام جو پئسو عوام تي ئي خرچ ڪري رهي آهي. هونهار اسڪالر شپ پروگرام جي فيز ٽو جي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جن ٻارن کي اسڪالر شپ ملي کين مبارڪ هجي، ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت 30 هزار اسڪالرشپ ڏيندي، 60 سيڪڙو اسڪالرشپ نياڻين کي ڏني پئي وڃي، ڪوشش آهي ته ايندڙ سال اسڪالر شپ کي 50 هزار تائين وڌايو وڃي. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو ته اميرن جا ٻار يونيورسٽين ۾ وڃي سگهن ٿا ته محنتي ٻار به ساڳين ئي ادارن ۾ پڙهي سگهن ٿا، اهو اوهان جو حصو هو جيڪو ڏنو. هن چيو ته اوهان جا پيسا تعليم تي خرچ نه ٿيا ته ان پيسي جو ڪهڙو فائدو آهي؟، اوهان پنهنجي في کي ڇڏي پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيو. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو ته سياسي مخالفن جي ڪردار ڪشي کيس وڌيڪ مضبوط ڪيو، هاڻي مخالف گاريون ڏين يا نعرا هڻن مٿس ڪو به فرق نه پوندو آهي، نوجوان نسل کي گارگند ۽ بداخلاقي جي تربيت نه ڏيڻ گهرجي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون