سيالڪوٽ پوليس مقابلي دوارن سنگين ڪيسن ۾ گھربل ڏوهاريءَ کي مارڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڀاگو ڀٽي ۾ڇاپي دوران ٻن هٿياربندن پوليس پارٽي مٿان فائرنگ ڪئي، اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته سندس هڪ ساٿي اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويو.
پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ عظيم عرف ضيمه طور ٿي، جوابدار پوليس اهلڪار جي قتل سميت ڦر ۽ منشيات جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل هو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس ساٿي جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آهي….