سينيٽ جو اجلاس اڄ صبح ساڍي ڏهين وڳي ٿيندو، اجلاس جو 35 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو.
ايجنڊا تحت اسلام آباد ۾ پرامن اجتماع ۽ پبلڪ آرڊر بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
قومي اسيمبلي مان منظور نجڪاري ڪميشن ترميمي بل به اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.
ان کان علاوه قومي اسيمبلي مان منظور ڀنگ ڪنٽرول ۽ ريگيوليٽري اٿارٽي بل به پيش ڪيو ويندو.
ايجنڊا موجب ٽيلي ڪميونيڪشن اپيل ٽربيونل جي قيام جو بل به سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.